لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ثنا چيو آهي ته نئون نسل ايڪشن ۽ رومانس سان ڀريل فلمون پسند ڪري رهيو آهي. اسان کي انڊسٽريءَ جي ڪاميابي لاءِ ان ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ثنا جو چوڻ هو ته هاڻ سلطان راهي وانگر ڀڃ ڊاهه وارين فلمن جو دور نه رهيو آهي، جڏهن ته گهٽ بجيٽ سان معياري فلمون ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، جنهن سبب سڀني لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿينديون آهن، تنهن ڪري اسان کي گڏجي فلم انڊسٽريءَ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو.
انڊسٽريءَ جي ڪاميابي لاءِ ڏسندڙن جي پسند موجب فلمون ٺاهڻ گهرجن: ثنا
November 14, 2016 at 2:38 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13