انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات اسمگلنگ کي گڏجي منهن ڏنو ويندو: اقتصادي سهڪار تنظيم
March 1, 2017 at 8:35 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): اقتصادي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرائي ۾ ميمبر ملڪن انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي ويزن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي، پڌرائي ۾ تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي، خطي جي ملڪن وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو آهي، پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل خوشحالي جي لاءِ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سمورين گورننگ باڊيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سفارشن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائين، وزيراعظم نواز شريف اي سي او تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ابراهيم حليل آڪچا سان گڏ 13هين اي سي او سربراهي ڪانفرنس جي پڌرائي پڙهي ٻڌائي، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته 13هين اي سي او سربراهي ڪانفرنس جي خاتمي جو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته مان ڪانفرنس ۾ شرڪت تي ميمبر ملڪن جي صدر، وزيراعظمن ۽ وفدن جي سربراهن، آبزرورز ۽ خاص مهمانن جو ٿورائتو آهيان، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي قيمتي راين اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ مدد ڏني آهي. هوڏانهن وزيراعظم محمد نواز شريف کي اقتصادي تعاون تنظيم (ايڪو) جي ۱۳هين سربراهه اجلاس جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي. ايڪو سربراهه اجلاس اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو، جنهن ۾ اقتصادي تعاون ۽ علائقائي رابطن ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو ويو آهي، اجلاس ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن آذربائيجان، قزاخستان، ڪرغزستان، ايران، تاجڪستان، ترڪي، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن کانسواءِ چين جي خصوصي نمائندي شرڪت ڪئي، پاڪستان ۾ افغانستان جو سفير سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، اقتصادي تعاون تنظيم ۱۹۸۵ع ۾ قائم ڪئي وئي، شروعاتي طور تي ايران، پاڪستان ۽ ترڪي ان تنظيم جا ميمبر هئا، جنهن جو مقصد ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، فني ۽ ثقافتي تعاون کي فروغ ڏيڻ هو، هي تنظيم ترقي لاءِ علائقائي تعاون (آر سي ڊي) جو تسلسل آهي جيڪا ۱۹٦۴ع کان ۱۹۷۹ع تائين قائم رهي، ۱۹۹۲ع ۾ ايڪو ۾ ۷ نون ميمبرن جو اضافو ڪيو ويو، جنهن ۾ افغانستان، آذربائيجان، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن.