الطاف حسين جي خلاف جاچ، پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون : برطانوي پوليس
November 11, 2017 at 6:23 amلنڊن (اين اين آءِ) اسڪاٽ لينڊيارڊ چيف ڪريسڊادڪ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين کان جيڪڏهن ڏوهه ٿيو آهي ۽ اسان اهو ثابت ڪري سگھون ته انصاف ضرور ٿيندو پوليس کي جاچ جي لاءِ هر قسم جا وسيلا فراهم ڪيا ويا اهن پاڪستان سان به رابطي ۾ آهيون جاچ ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا جي پارليماني ميمبر ناز شاهه جي گھرو معاملن جي سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فاٽي پيو. برطانوي ايم پي ايم ناز شاهه سوال ڪيو ته آخر برطانيا پوليس الطاف حسين جي خلاف ڇا ڪري رهي آهي هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ جي لنڊن مان ڪيل نفرت وارين تقريرن سان ڪراچي ۾ باهه ٻاري وئي جنهن سبب ڪيترائي ماڻهون مارجي ويا. ناز شاهه جو وڌيڪ چوڻ هيو ته عمران فاروق کي لنڊن ۾ قتلڪيو ويو، الطاف حسين جي گھر کي ڇاپي ۾ هٿيار خريد ڪرڻ جون رسيدون مليون پر ائين لڳي رهيو آهي ته الطاف حسين جي خلاف ڪجھه نه پيو ٿئي، اسڪاٽ لينڊيارڊ چيف ڪريسڊاڊڪ چيو ته جيڪڏهن ڏوهه ڪيو آهي ۽ اسان اهو ثابت ڪري سگھون ته انصاف ضرور ٿيندو، هن جو چوڻ هيو ته پوليس کي جاچ جي لاءِ هر قسم جا وسيلا فراهم ڪيا ويا آهن پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون، جاچ جاري آهي.