افغانستان پاران پاڪستاني سرحد تي فائرنگ امن جي خواهش کي نقصان پهچائيندي: نواز شريف

May 6, 2017 at 1:19 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد:(بيورو) وزير اعظم نواز شريف سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جمعي نماز کان اڳ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڊان ليڪس معاملو، پاڪ افغان سرحدي ڇڪتاڻ سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف چيو ته افغان سرحد کان پاڪستاني حدن اندر فائرنگ امن جي خواهش ۽ ڪوشش لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿيندي، ان ڪري افغان حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪوشش وٺي ۽ نظر ثاني ڪري، وزير اعظم نواز شريف پاڪ افغان بارڊر تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي متاثر ماڻهن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو، وزير اعظم جو چوڻ ه ته بارڊر تي فائرنگ ۽ اهلڪارن جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي، فائرنگ وارا واقعا امن جي ڪوششن لاءِ نقصان ڪار آهن، ان ڪري افغان حڪومت کي ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به افغان بارڊر تي فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ گهري آهي.

اي پيپر