اسڪول وين ۽ ڪمرشل گاڏين ۾ غيرمعياري سلينڊر خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو
July 14, 2017 at 2:30 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(13 جولاءِ 2017): ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسڪول وين ۽ ڪمرشل گاڏين ۾ غيرمعياري سي اين جي سيلينڊر جو استعمال گاڏي ۾ ويهندڙ اسڪول جي ٻارن ۽ مسافرن لاءِ هلندڙ ڦرندڙ بم کان گهٽ نه آهي، جنهن ڪري انهن گاڏين ۾ غيرمعياري سي اين جي سيلينڊر جي استعمال جي خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سخت قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي دفتر ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي آفيسرن سان هڪ جائزه اجلاس جي صدارت جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالرحيم سومرو، سيڪريٽري ٽي اي منظور، سيڪريٽري ۽ ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز کان علاوه ٻيا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. صوبائي وزير ان موقعي تي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو قانون، حڪومت ۽ اداري جي رٽ قائم ڪرائين. هن وڌيڪ چيو ته آفيسر عوام جي بهتر مفاد ۽ حڪومت جي مثبت اميج کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻن. دفتر ۾ ايندڙن جي شڪايتن جو ازالو ڪن. ماڻهن جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. ان موقعي تي اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت جي هدايت تي ٽرانسپورٽ کاتي جا آفيسر عوام جي بهتري لاءِ اپائن ۾ مصروف آهن. عيد جي موقعي تي عوام کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙ ۽ روٽ پرمٽ خلاف ورزي ڪرڻ تي 159 انٽرسٽي بسن جو چالان ڪيو ويو ۽ ڊرائيورن تي 2 لک 81 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو. ان کان علاوه مسافرن کان ورتل چار لک 17 هزار 8 سو رپيا وڌيڪ ڪرايو مسافرن کي واپس ڪرايو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته غيرمعياري سي اين جي سيلينڊرز استعمال ڪندڙ 948 اسڪول وين کي چيڪ ڪيو ويو، 428 غيرمعياري سي اين جي سيلينڊر ڪڍي قبضي ۾ ورتا ويا، جڏهن ته 9 لک 33 هزار 850 رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. روينيو جي حوالي سان ڪارڪردگي ٻڌائيندي صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته سال 15 – 2014 ۾ هڪ ڪروڙ 77 لک 5 هزار 970 رپيا، سال 16-2015 ۾ 2 ڪروڙ هڪ لک 14 هزار 880 رپيا، جڏهن 17-2016 ۾ 2 ڪروڙ 22 لک 16 هزار 701 رپيا روٽ پرمٽ فيس ۽ ٻين حوالن سان روينيو وصول ڪيو ويو. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد ناصر حسين شاهه کاتي جي آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ عوام جي بهتر مفاد ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اڄ کان پوءِ مونکي وڌيڪ بهتري گهرجي ۽ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ پوليس اوهان کي مڪمل سپورٽ ڪندي. عوام جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا لاپرواهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن جون شڪايتون ۽ مشڪلاتون ختم ڪيون وينديون سندن ترقي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ٽرانسپورٽ کاتي جي ملڪيت جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ کاتي جي زمينن تي ناجائز قبضي کان بچائڻ لاءِ چار ديواري به قائم ڪئي وڃي.