اسيمبلي جو ماحول بهتر بڻائڻ سڀني پارٽين جي ذميواري آهي: خواجا آصف

January 31, 2017 at 1:11 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسيمبلي جو ماحول بهتر بڻائڻ سڀني پارٽين جي ذميواري آهي تنهن هوندي ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ ٿيل واقعي جي ذميوار تحريڪ انصاف آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسيمبلي جو ماحول بهتر بڻائڻ سڀني پارٽين جي ذميواري آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ ٿيل افسوسناڪ واقعي جي ذميواري تحريڪ انصاف آهي. هن چيو ته سمورين پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته جڏهن پارٽي جو ميمبر ڳالهائي رهيو هجي ته ٻئي پارٽي وارا مداخلت نه ڪن پر تحريڪ انصاف جا ميمبر ان جي پاسداري ناهن ڪندا ۽ هنن سڀ کان پهرين نعريبازي ڪري اسيمبلي جو ماحول خراب ڪيو.

اي پيپر