اسرائيل جي هٿين خالي فلسطينين تي بمباري سبب وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد
December 13, 2024 at 9:00 amاسرائيل جي هٿين خالي فلسطينين تي بمباري سبب وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي فورسز جو غزا ۾ ظلم جو سلسلو جاري آهي، نصيرات پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 33 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
خابرو اداري موجب اسرائيل ڪيترن ئي رهائشي اپارٽمينٽس کي بمباري ڪري ملبي جو ڍير بڻائي ڇڏيو، غزا جي واحد سرجن ڊاڪٽر سعيد کي ايمبوليس تي ڊرون حملو ڪري شهيد ڪيو ويو
امدادي ٽرڪن جي حفاظت ڪندڙ 12 گارڊ به اسرائيلي بمباري جو نشانو بڻجي ويا.
اولهندي ڪناري ۾ ۾ به اسرائيلي فوج جي بربريت جاري آهي، جتي ٻن فلسطينين کي گولين جو گولين جو کاڄ بڻايو ويو.
غزا ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 44 هزار 835 ٿي ويو، هڪ لک 6 هزار 356 ماڻهو زخمي ٿي چڪا.
هوڏانهن جنگبندي باوجود اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري آهن، حملن ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
سرحدي علائقي خيام تي اسرائيلي حملي ۾ هڪ ڄڻو شهيد ٿي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڏاکڻي علائقي جي ڳوٺ ديبين ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ عورت شهيد ٿي وئي، عورت جو مڙس ۽ والد هڪ ڏينهن اڳ شهيد ٿي ويا هئا.