اسان پهرين ڏينهن کان چوندا پيا اچون ته غير ملڪي سنڌ جو امن برباد ڪري رهيا آهن؛امير ڀنڀرو
February 22, 2017 at 2:54 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (پ-ر)آصف علي زرداري پاران غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري بيان تي جيڪڏهن سنڌ حڪومت عمل ٿي ڪري ته سنڌ نيشنل پارٽي اهڙي عمل جي آجيان ٿي ڪري، اسان پهرين ڏينهن کان چوندا پيا اچون ته غير ملڪي سنڌ جو امن برباد ڪري رهيا آهن، انهن کي نيڪالي ڏني وڃي، جيڪا ڳالهه اڄ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪري رهيو آهي، جيڪا سنڌ نيشنل پارٽي جي ڪاميابي آهي، اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت آصف علي زرداري جي ڪيل هدايت تي عمل ڪندي افغان پناهگيرن سميت سڀني غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺندي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين رمضان بليدي، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اصغر ڏاهري، سائين بخش بنگلاڻي ۽ امير قمبراڻي پنهنجي هڪ گڏيل پريس بيان ڪيو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته صوفين جي سرزمين سنڌ ڌرتي تي رهندڙ تمام پناهگيرن کي ملڪ نيڪالي ڏئي پرامن ڌرتي جو امن بحال ڪرايو وڃي، سنڌ عالمي يتيم خانو نه آهي جو سڀني غير ملڪين کي سنڌ ۾ رهايو پيو وڃي، ڌاري آبادڪاري جي ڪري دهشتگردي سميت بک، بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي، امير سنڌ جا غريب ماڻهون پنهنجي وسيلن هوندي به بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي کي ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ پهرين ئي ڏينهن کان قدم کڻڻ گهرجن ها، پر هاڻ به آصف علي زرداري پنهنجي ڏنل بيان تي جيڪڏهن قائم رهي ٿو ۽ غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سنجيدگي سان عملي قدم کڻائي ٿو ته سنڌ جو عوام آصف علي زرداري ۽ سنڌ حڪومت جو ٿورائتو رهندو، خاص ڪري سنڌ نيشنل پارٽي جيڪا پهرين ڏينهن کان وٺي غير ملڪي پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ پنهنجي عملي جدوجهد ۾ مصروف رهي آهي، اسين اهو ئي چاهيون پيا ته سنڌ تي وڌ ۾ وڌ حق حاڪميت سنڌي ماڻهن جي هجي جنهن ڳالهه تي پ پ ڪو چيئرمين اڳوڻو صدر آصف علي زرداري عمل ڪري رهيو آهي، سنڌ جو عوام ۽ سنڌ نيشنل پارٽي هڪ وڏي ڪاميابي سمجهي ٿي.