اسان طبقاتي سرشتي جو خاتمو۽ سوشلسٽ نظام چاهيون ٿا. نفيسه شاه

June 23, 2017 at 6:28 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

خيرپور(ڊ ر) قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پ پ سنڌ جي نائب صدر سيده نفيسه شاه چيو آهي ته اسان جي سوشلسٽ ايجنڊا آهي، اسان طبقاتي نظام جو خاتمو چاهيون ٿا،ڇوته سڀني بيمارين جي جڙ طبقاتي سرشتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽائون ڪاميٽي ٻٻرلوءِ جي چيئرمين سيد مظهر علي شاه طرفان ڀٽائي پارڪ ۾ ڏنل افطار پارٽي کي خطاب ڪندي ڪيو.نفيسه شاه وڌيڪ چيوته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پڻ هڪ وڏي خاندان سان تعلق رکندڙ هو پر هن غريب عوام جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌيو،هن جاگيردارن بدران غريب عوام جي ڳالهه ڪئي ، ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏني، اسٽيل مل جهڙا اهم ادارا قائم ڪيا، ۽ غريب عوام کي زبان ڏني ،هن چيوته شهيد ڀٽي سوشل سيڪيورٽي جهڙا ادارا قائم ڪري مزدور عوام جي خاندانن کي تحفظ ڏنو پر افسوس ته سوشل سيڪيورٽي ۽ اي او بي آءِ جهڙن اهم ادارن مان مزدور گهربل لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا آهن جڏهن ته سندس نياڻي شهيد راڻي بينظيرڀٽو عوام کي شعور ڏنو ۽ ملڪ اندر آمريت خلاف جدوجهد ڪندي جمهوري راڄ قائم ڪيو پر وقت جي جابرن ۽ آمرن کيس شهيد ڪندي اهو سمجهيو ته محترما ختم ٿي وئي پر تاريخ گواه آهي ته اڄ هر دل ۽ دماغ تي شهيد راڻي بينظيرڀٽو راڄ ڪري رهي آهي .هن چيوته سنڌ مان 70 سيڪڙو گيس نڪري ٿي ته اسان کي ايل اين جي جي ضرورت ئي ناهي جڏهن ته ملڪ جي معيشت  جو دارومدار سنڌ تي آهي، هن چيوته بدقسمتي اها آهي ته وفاق جي پاليسين سبب سنڌ جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي ، لوڊشيڊنگ سبب صنعتي ادارا تباه ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهن جي زندگي عذاب بنجي وئي آهي جڏهن ته ننڍن صوبن جي ماڻهن کي بجلي ،گيس ۽ پاڻي ڏيڻ بدران انهن کي چور چيو وڃي ٿو.هن چيوته اسان سنڌ ۾ميرٽ چاهيون ٿا ۽ نئين نسل کي جديد دور جي تقاضائن موجب اڳتي آڻڻ گهرون ٿا، انڪري عوام کي گهرجي ته هو سنڌ سرڪار جا هٿ مضبوط ڪن.ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين سيد مظهر علي شاه،علي شير مڪول ناصر علي شاه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ان موقعي   تي سيده نفيسه شاه شهيد راڻي بينظيرڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو.ان کان اڳ نفيسه شاه ڀٽائي پارڪ، عباس شر ڳوٺ ۽ پراڻو نيشنل هاءِ وي جي ترقياتي رٿائن جو افتتاح پڻ ڪيو.

اي پيپر