اسان صحافت مخالف ڪارن قانونن جي خلاف آهيون: يوسف رضا گيلاني

September 21, 2017 at 7:45 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ملتان (م ڊ): اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان صحافت مخالف ڪارن قانونن جي خلاف آهيون، ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته اين اي 120 جي نتيجن تي پارٽي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اها ان معاملي جي جاچ ڪندي ته ايتري سٺي مهم باوجود پارٽي کي ايترا گهٽ ووٽ ڇو مليا، اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هيو ته سياست ۾ شائسته زبان استعمال ٿيڻ گهرجي، عمران خان کي غير اخلاقي زبان استعمال نه ڪرڻ گهرجي، يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عدليه جو احترام ڪيو آهي، پيپلز پارٽي تشدد جي سياست تي يقين نٿي رکي.

اي پيپر