اختلاف نظرياتي هجڻ گهرجن، دشمني جا قائل ناهيون: مصطفيٰ ڪمال
November 14, 2017 at 2:16 amڪراچي (م ڊ): پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته منهنجي ڳالهين ۾ ڪا سياست ناهي، هن چيو ته هر انسان کي پنهنجي ڳلي ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، هن چيو ته اسان ماڻهن جي دلين ۽ دماغ ۾ ڪم ڪيو، 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پي ايس پي جا ميمبر بڻجي چڪا آهن، هن چيو ته اختلاف نظرياتي هجڻ گهرجن، دشمني جا قائل ناهيون، هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ چونڊون وڙهنداسين، سنڌ ۾ فوڪس وڌيڪ آهي، 2018 ۾ ڪراچي ۾ مڪمل ۽ ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ نظر اينداسين، هن چيو ته هيل تائين اسان جو ايم ڪيو ايم سان ڪو رابطو ناهي.