اختلاف راءِ سان ترقيءَ جو عمل بند نه ٿيڻ گهرجي:صدر ممنون حسين

اسلام آباد( بيورو ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته سياسي عمل کي افرا تفري ۽ گروهي مفادن کان آزاد ٿيڻ گهرجي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته سياسي اختلاف راءِ غير فطري ناهي پر اها خير جو سبب هئڻ گهرجي، اختلاف راءِ سان ترقيءَ جو عمل بند نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن،جمهوريت قوم جي ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن، پارليامينٽ جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سفر جاري آهي، پارليامينٽ ڏکين حالتن ۾ قومي اتحاد جو ثبوت ڏنو جنهن سبب تاريخ هن پارليامينٽ جو ڪردار هميشه ياد رکندي. سندس چوڻ هو ته ترقي جي ڌارا ۾ سڀني کي شامل ڪرڻ ضروري آهي، پوئتي رهجي ويلن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جو احساس وڌي رهيو آهي، بلوچستان مان احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن، معاشري جي هر طبقي کي نئين سر اڏاوت ۾ حصو وجهڻ گهرجي. صدر ممون حسين چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي اهم معيشتن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، مهانگائي گهٽ جڏهن ته معاشي ترقي 10 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي. هن چيو ته عالمي بئنڪ به پاڪستان کي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ معيشتن مان هڪ قرار ڏنو آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ 3 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، ويزن 2025ع ملڪ لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، حڪومت ۽ سياسي پارٽيون ان کي اتفاق سان قومي رٿا قرار ڏين. سندس چوڻ هو ته کين صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ممون حسين چيو ته برآمدات ۾ اضافي لاءِ مسئلي جو حل ڳوليو وڃي، زراعت معيشت ۾ ڪرنگي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي پر زراعت جي شعبي کي سڀ کان وڏو چئلينج موسمياتي تبديلي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *