اتر ڪوريا سان وڏي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي: ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي

April 28, 2017 at 11:11 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته اتر ڪوريا جي ميزائل ۽ ائٽمي پروگرام سبب ساڻس هڪ وڏي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس پهرين ترجيح تڪرار کي سفارتي سطح تي حل ڪرڻ آهي پر ان ۾ ڪاميابي ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته  هو تمام سٺو انسان آهي جيڪو پنهنجي ملڪ سان پيار ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته هو اتر ڪوريا جي بحران کي سفارتي سطح تي حل ڪرڻ چاهين ٿا پر اهو تمام گهڻو مشڪل عمل آهي جنهن تي وڏو نه پر تمام وڏو تڪرار به ممڪن آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ننڍي عمر ۾ ڪم جانگ ان لاءِ اتر ڪوريا جو اقتدار سنڀالڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو. هن چيو ته کيس پڪ آهي ته چيني صدر افرا تفري ۽ موت ڏسڻ پسند نه ڪندو. سندس چوڻ هو ته چيني صدر تمام گهڻو سٺو ماڻهو آهي ۽ هو کيس تمام بهتر نموني سمجهي سگهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو چين ۽ چين جي عوام سان محبت ڪري ٿو، کيس خبر آهي ته هو پسند ڪندو ته هو ڪجهه به ڪري سگهي، شايد ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته هو نه ڪري سگهي. آمريڪي صدر چيو ته اتر ڪوريا جو اڳواڻ ڪم جانگ ان  اڃا 27 ورهين جو آهي، سندس والد جي لاڏاڻو کانپوءِ هن اقتدار سنڀاليو، ته توهان اهو چئي ته توهان کي گهرجي ڇا پر اهو ايترو سولو ناهي، خاص طور تي ان عمر ۾.صدر ٽرمپ چيو ته کيس اميد آهي ته هو مناسب رويو اختيار ڪندو، ان ڳالهه جي به اميد آهي ته اتر ڪوريا سان تمام وڏو تڪرار شروع ٿي وڃي.

اي پيپر