آصف علي زرداريءَ ق ليگ کي چونڊ اتحاد جي آڇ ڪري ڇڏي
March 28, 2017 at 9:14 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (م ڊ) پيپلز پارٽيءَ مسلم ليگ ق کي چونڊ اتحاد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، آصف علي زرداريءَ پاناما ڪيس جي فيصلي کان پوءِ جي حڪمت عمليءَ جي صف بندي شروع ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جو چوڻ آهي ته پاناما ڪيس کان پوءِ پنهنجي سياسي ڪارڊ شو ڪندس، ميدان سجندو ته مخالفن کي منهن ٽوڙ جواب ملندو، پيپلز پارتيءَ ۽ ق ليگ جي قيادات وچ ۾ سياسي ويجھڙايون وڌڻ لڳيون آهن، پيپلز پارٽيءَ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ڪام علي آغا پيپلز پارٽيءَ جي آڇ جي تقديق ڪري ڇڏي آهي، ڪامل علي آغا جو چوڻ هو ته آڇ جو پارتي اجلاس ۾ جائزو ورتو ويندو، آصف علي زرداريءَ جي ايندڙ سياسي صف بنديءَ جي لاءِ پارٽي اڳواڻنس ان صلاحون آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو صف بنديءَ کي پاناما ليڪس جي فيصلي کان پوءِ آخري شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي.36