آزادي جي تحرڪ قائد اعظم محمد علي جناح جي سياسي بصيرت، عقلمندي جو چٽو ثبوت آهي : شاهد خاقان عباسي
September 11, 2017 at 9:26 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شآهد خاقان عباسي چيو آهي آزادي جي تحريڪ ته قائد محمد علي جناح جي سياسي بصيرت ۽ عقلمندي جو چٽو ثبو ت آهي، ان جي اڻٿڪ جدوجھد جي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ آازاد ملڪ قائم ڪيو. الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان سماجي، اقتصادي ۽ن سياسي طور تي ترقي ڪري رهيو آهي. قائد محمد علي جناح جي 69 وفات جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سموري قوم اڄ قائد محمد علي جناح جو 69 هون وفات جو ڏهاڙو جو عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهي آهي. هن چيو ته آزادي جي تحريڪ قائد محمد علي جناح جي سياسي ۽ دانشمندي جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته اچو ته اسان اهو عزم ڪريون ته اسان پنهنجا سمورا انفرادي ۽ گڏيل توانائي ۽ صلاحيتون پنهنجي عملڪ ۽ معاشري جي بهتري لاءِ صرف ڪنداسين. اسان جي عوام روشن خيال ۽ متحد آهي. بابائي قوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو سڀ کان بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان قائد محمد علي جناح جي اتحاد، يقين، محڪم ۽ ڊسيپلن جي اصول تي هلڻ جو عزم ڪيون ۽ اهو پڪو ارادو ڪيون ته اسان پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بنائڻ جي لاءِ انکي حقيقي ۽ اصل روح موجب عمل ڪنداسين.