آدمشماري ۽ گهرشماري جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ ”سينسس شڪايتي سيل“

April 28, 2017 at 7:31 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تحت هلندڙ آدمشماري ۽ گهرشماري جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ ”سينسس شڪايتي سيل“ قائم ڪيو ويو آهي، جتي روزانو صبح 8:00 وڳي کان رات 10:00 وڳي تائين فون نمبرز: 02199207350 ۽ 02199202180 ۽ فيڪس نمبرز: 02199202007 ۽ 02199202000 تي موجود ڊيوٽي آفيسر شڪايتون وصول ڪندا آهن. آدمشماريءَ جو ٻيو مرحلو 25 اپريل 2017ع کان شروع ٿي چڪو آهي، انڪري آدمشماريءَ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايتون ۽ مسئلا پيش آهن ته ان جي حل لاءِ وزيراعليٰ هائوس/سيڪريٽريٽ ۾ قائم شڪايتي سيل ۾ ڄاڻايل مٿين نمبرن تي رابطو ڪري شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون، ڊيوٽي تي موجود آفيسر انهن شڪايتن جي حل لاءِ لاڳاپيل آفيسرن سان فوري طور تي رابطو ڪندا.

اي پيپر