آئين جي بالادستي برقرار رکڻ ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ڪوششون جاري رکيون وڃن: آرمي چيف

August 8, 2017 at 8:01 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

راولپنڊي( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ دفعو ٻيهر افغانستان سان پر اعتماد گڏيل رابطن جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي. ترجمان موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ملڪ جي اندروني ۽ سرحدي سلامتي جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس ۾ علائقي امن ۽ سلامتي جو عزم ورجايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ آپريشن خيبر فور ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي وئي. ترجمان موجب ڪانفرنس ۾ آپريشن رد الفساد جي هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرز چيو ته آپريشن رد الفساد جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. ترجمان چيو ته  دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ملڪي ادارن سان گڏجي جدوجهد جاري رکي ويندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته آئين جي بالادستي ۽ قانون جي بالادستي لاءِ سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته آئين جي بالادستي برقرار رکڻ ۽ قانون جي حڪمرانيءِ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وڃن. سندس چوڻ هو ته هو افغانستان سان گڏيل اعتماد تي ٻڌل لاڳاپا برقرار رکڻ جي عزم تي قائم آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ملڪي دفاع ۽ سلامتي لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

اي پيپر