آئل ٽينڪرز مالڪن اوگرا قانون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڳالهيون ناڪام

اسلام آباد (بيورو): آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن اوگرا جا نوان قانون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد ايسوسيئيشن ۽ پيٽروليم وزارت وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، ٽينڪرز مالڪن مطالبن جي منظوري تائين هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ سيڪريٽري پيوٽروليم ۽ آئل ٽينڪرز ايسوسيشن وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ايسوسيئيشن جي چيئرمين يوسف شاهواڻي شريڪ ٿيو، جڏهن ته ڳالهين ۾ چيئرپرسن اوگرا عظميٰ عادل، ڊي جي آئل عبدلاجبار ميمڻ به شريڪ ٿيا، ڳالهين دوران آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن غير معياري ٽينڪرز ذريعي ئي تيل جي سپلاءِ ڪرڻ تي اصرار ڪيو ۽ اوگرا قانونن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيئرمين ايسوسيئيشن يوسف شاهنواڻي چيو ته معيارن تي فوري عملدرآمد ممڪن ناهي ۽ ٽينڪر ايڪسلز سميت وڌيڪ ريگيوليشن اپنائڻ ۾ وقت لڳندو، اين ايچ اي سان اسان جو معاهدو 2 ايڪسل جو آهي، 10 سالن کان اهو هلي رهيو اهي، ته هاڻي ڇا ٿيو، هاڻي اوگرا ستل جاڳي پيو آهي اسان ايڪسل وڌائڻ کي نٿا مڃون، اوگرا جو قانون مٿا مڃون، انهن جي پاليسي غلط آهي، ٽينڪر کي باهه اسان نه لڳائي پر ماڻهن ٽينڪر کي باهه ڏني، يوسف شاهواڻي جو چوڻ هو ته موٽر وي وارا بنا جواز اسان جي گاڏين کي چالان ڪري رهيا آهن، جيڪو پراڻو سسٽم هلي رهيو هيو اهو سسٽم بحال ڪيو وڃي، ايسوسيئيشن جي عهديدارن چيو ته اسان جون سيڪريٽري پيٽروليم سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، جيستائين حڪومت اسان جا مطالبا نه مڃيندي سڄي ملڪ ۾ هڙتال اهڙيءَ ريت جاري رهندي، ٻئي طرف ترجمان اوگرا عمران غزنوي جو چوڻ هو ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر بليڪ ميل نه ٿينداسين، آئل ٽينڪرز وارا اسان سان ويهي ڳالهيون ڪن، آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن کي درخواست آهي ته ماڻهن جي زندگين سان نه کيڏن، اسان کي شڪ آهي ته آئل ٽيڪنرز ڪمپنيون ان هڙتال پٺيان آهن، واضح رهي ته اوگرا طرفان روڊ سيفٽي، ٽينڪرز جي فٽنس چيڪ ڪرڻ ۽ انهن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي فيصلي تي ٽينڪرز ايسوسيئيشن گذريل ڏينهن هڙتال جو اعلان ڪندي سڄي ملڪ ۾ تيل جي فراهمي بند ڪرڻ جو چيو هيو، جههن سبب سڄي ملڪ ۾ پيٽرول جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *