ڪراچي (ويب ڊيسڪ): آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پوليس کي وارننگ جاري ڪندي اسٽريٽ ڪرائم ۽ منشيات جا اڏا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪئي آهي، ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ پوليس جي تقريب کي خطاب ڪندي اي ڊي خواجه چيو ته کيس سمورن ايس ايڇ اوز جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ ملي رهي آهي، ڪم نه ڪندڙ آفيسر کي عهدي تان هٽايو ويندو، هن چيو ته وارننگ بعد ڪم نه ڪندڙ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، تنهن ڪري ايس ايڇ اوز سندن علائقن ۾ گشت وڌائن ۽ اسٽريٽ ڪرائم کي پاڙون ختم ڪن، ان موقعي تي آءِ جي اي ڊي خواجه آفيسرن سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي ۽ کين ايجنسن جي شڪايت کان آگاهه ڪيو.